12 بدھ , دسمبر 2018

پي ٽي ايم اها حد پار نه ڪري جتي رياست کي زور لڳائڻو پئجي وڃي: پاڪ فوج جو ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته وقت ويجهو آهي جو اسان مڪمل امن طرف هلنداسين. راولپنڊيءَ ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي،  فوج جو وڌ کان وڌ بلوچستان طرف آهي ته جيئن صورتحال بهتر ٿي. هن چيو ته  ڪجهه سالن ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي بهتر ٿي آهي ۽ دهشتگرديءَ ۾ 99 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جو ڪريڊٽ رينجرز ڏانهن وڃي ٿو، جنهن وڏي محنت سان ڪم ڪيو ۽ شهر جون روشينون واپس ڪيون آهن، جڏهن ته پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي هڪ زماني ۾ ڏوهن جي شرح جي لحاظ کان ڇهين نمبر تي هو، هاڻي صورتحال بهتر آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته  پي ٽي ايم چيڪ پوسٽن ۾ گهٽتائي، مائنز ڪليئر ڪرائڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جا مطالبا ڪيا. هن چيو ته ايندڙ سال پاڪ افغان سرحد تي تار لڳائڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويندو جنهن سان صورتحال ۾ بهتري ايندي. سندس چوڻ هو ته اسان 15 سال جنگ وڙهي جنهن دوران گهڻا دهشتگرد مارجي ويا، هن وقت به تحريڪ طالبان پاڪستان جي فورس اتي ويٺي آهي ته ڪئين ثابت نه ٿيندو ته گم ٿيل ماڻهو سندن فورس ۾ شامل نه ٿيا هجن، يا ڪنهن ٻئي جي جنگ ۾ استعمال نه ٿي رهيا آهن. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته 70 هزار پاڪستاني دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿيا، اهي به اسان مان آهن. هن چيو ته رياست پي ٽي ايم وارن سان سهڪار ڪيو، پر هي ماڻهو جنهن طرف وڃي رهيا آهن ڪٿي ايئن نه ٿي جو اها لائن ڪراس ڪري وٺن جنهن بعد رياست کي پنهنجو زور لڳائي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻو پئجي وڃي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪرتارپور سرحد سک برادريءَ سان همدرديءَ جي اظهار طور کولي ڪو به پاڪستاني ان ذريعي ڀارت نه ٿو وڃي سگهي اها راهداري رڳو ون وي هوندي جنهن جي کلڻ سان 4 هزار ڀارتي ياتري روزاني پاڪستان اچي سگهندا ۽ ساڳي رستي روز واپس ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جو روينيو، سي ڊي اي اختيارين تي آصف زرداري جي حمايت جو الزام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) چيو آهي ته روينيو آفيسر ۽ ڪيپٽل ڊويلپمنٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے