18 جمعہ , جنوری 2019

ڪابينا جو گلگت بلتستان کي عبوري صوبي جو درجو ڏيڻ واري معاملي تي وڌيڪ ڳالهين جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا گلگت بلتستان جي سڌارن واري پيڪيج ۽ ان کي صوبي جو درجو ڏيڻ واري معاملي تي وڌيڪ ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 20 نقطن واري ايجنڊا سميت معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو جڏهن ته وزير اعظم ۽ ڪابينا ناڻي، سڌارن ۽ منصوبابندي جي وزارتن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس دوران رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا گذريل فيصلن تي 80 سيڪڙو تائين عمل ٿيو. وفاقي ڪابينا گذريل اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب ڪابينا گلگت بلتستان جي سڌاري واري پيڪيج ۽ ان کي عبوري صوبي جو درجو ڏيڻ واري معاملي تي وڌيڪ ڳالهين جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪابينا 6 اهم صنعتن کي گيس جي بنا فرق جي سپلاءِ جاري رکڻ جي منظوري ڏني جنهن ۾ ليدر، طبي اوزار ۽  گارمنٽس انڊسٽري شامل آهي. ان کان سواءِ ڪابينا اڪنامڪ افيئرز ڊويزن جي مختلف معاملن لاڳاپيل وزارتن کي منتقلي جو فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽي کي نئين سر جوڙڻ، چيئرمين پورٽ قاسم اٿارٽي جي مقرري ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي ميمبرن جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي منشيات جي خاتمي واري فورس جي وچ ۾ معاهدي جي به منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي 50 رپين جو يادگاري سڪو جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے