ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ۾ گذريل 10 سالن دوران 134 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف آءِ اي جي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي پي آءِ اي ۾ سنگين ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ مالي بي ضابطگين جي الزام ۾ جاچ جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ 30 انڪوائريون رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن، سپريم ڪورٽ جي هدايت تي قومي ايئر لائنز جي 2017ع کان 2018ع تائين جي آڊٽ رپورٽ موجب 134 ارب رپين جي مالي بي ضابطگين جو پتو لڳايو ويو هو. ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي کي ڪرپشن، بي قاعدگين، غير قانوني ڀرتين، مقررين ۽ نااهلي جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، رجسٽرڊ ڪيل انڪوائرين ۾ پي آءِ اي جي پرڏيهي چيف ايگزيڪٽو هلڊن برانڊ برن جي ڀڃڪڙي واري مقرري، اڳوڻي ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر سليم سياني جي ضابطن جي خلاف مقرري جي نتيجي ۾ قومي ايئر لائنز کي 8.5 ڪروڙ جو مالي نقصان، پرڏيهي شهري جي ضابطن جي خلاف ڪنسلٽنٽ مقرري جي ڪري 64 هزار 5 سئو ڊالرن جو نقصان، 4 سئو 57 ملازمن جي ڪوڙين ڊگرين تي ڀرتي سان اداري کي ٿيل مالي نقصان جا معاملا شامل آهن. ان کان سواءِ نواب شاهه ۾ فلائنگ اڪيڊمي جي قيام ذريعي ايئر لائنز کي 16 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان، پي آءِ اي سي ۽ ميسرز سابري سان تڪراري معاهدي جي ذريعي لکين رپين جو نقصان، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي فيصلن تي درست قانون لاڳو نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ اداري کي 12 ارب 94 ڪروڙ رپين جو خسارو، ٽڪيٽ ريزرويشن جي ضابطن جي خلاف استعمال جي نتيجي ۾ 44 ارب 51 ڪروڙ رپين جو نقصان ملازمن کان سواءِ ٻين ماڻهن کي مفت ٽڪيٽ جاري ڪرڻ سبب 5 ارب 55 ڪروڙ رپين جو نقصان شامل آهي.
Tags agency closure awami awaz billions of rupees Chairman FIA Corruption directors FIA illegal shelters investigations Pakistan International Airlines PIA Report
هي به ڏسي سگهو ٿا
پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …