مٺي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ هتان جا ماڻهو به خوشحال ٿي رهيا آهن، مٺي ۾ ٻين ضلعن جا مريض اچي علاج ڪرائن ٿا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته مٺي سول اسپتال ۾ صحت جون سهولتون ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مٺي سول اسپتال ۾ ٻارن جي وارڊ جي تفصيلي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪيئر ڪراچي جي ڊاڪٽرن جي اچڻ سان ٻارن جي وارڊ ۾ بهتري آئي آهي ۽ هاڻ ٻارن کي صحت بابت بهتر سهولتن جي فراهمي ۾ وڌيڪ مدد ملي سگهندي، ان سان گڏوگڏ هاڻ سنڌ حڪومت ڳورهاري عورتن ۾ غذا جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺندي راشن جا ٿيلها ۽ غذائيت جا پروگرام شروع ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ واري ڳالهه تي قائم آهي، سنڌ حڪومت ۽ اينگرو ڪمپني جي معاهدي تحت ئي پراجيڪٽ وقت سر مڪمل ٿيندو، ڪنهن به ماڻهو اعتبار نه پئي ڪيو ته ڪو ٿر ۾ ڪوئلو آهي ۽ اهو پڻ چيو ويو ته سنڌ حڪومت اهو پراجيڪٽ پورو نه ڪري سگهندي پر اڄ پ پ جي اعليٰ قيادت جي ڪوششن سان ٿر جو ڪوئلو نڪرندي نظر اچي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته ٿرڪول جي رائلٽي ٿر جي عوام جي بهتري تي ئي خرچ ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته ٿر ڪول منصوبي تي سڀ کان وڌيڪ حق ٿر جي ماڻهن جو آهي.
Tags awami awaz CM Sindh hospital Mithi Murad Ali Shah Visit
هي به ڏسي سگهو ٿا
پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …