12 بدھ , دسمبر 2018

وليمسن ۽ نڪولس ابوظهبي ٽيسٽ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ابوظهبي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 272 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ ڪيوي ٽيم کي پاڪستان خلاف 198 رنسن جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي. ابو ظهبي جي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ جاري ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن نيوزيلينڊ پنهنجي رهيل ٻي اننگز ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 26 رنسن کان شروع ڪئي ته ياسر شاهه سومر ولي کي آئوٽ ڪري تيز ترين 2 سئو وڪيٽن وٺي 82 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جڏهن ته شاهين آفريدي روز ٽيلر کي پويلين موٽايو. 60 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ۽ هينري نڪولس ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي راند جي پڄاڻي تائين وڌيڪ ڪا به وڪيٽ ڪرڻ نه ڏني، ٻنهي بيٽسمينن 212 رنسن جي قيمتي ڀائيواري جوڙي ميچ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو. راند جي پڄاڻي تي ڪين وليمسن 139 ۽ نڪولس 90 رنسن سان ناٽ آئوٽ موٽيا. ڪيوي ٽيم پاڪستان خلاف 198 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن ۾ فيصلائتي ميچ بنا نتيجي ختم ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 274 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان 348 رنسون ٺاهي ڪيويز خلاف 74 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت خلاف ڪيس ابتو پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) گڏيل سيريز جي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ سبب ازالي جي چڪر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے