12 بدھ , دسمبر 2018

ڪير وڏو بيٽسمين سمجهي يا نه، پرواهه ناهي: اسد شفيق

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين اسد شفيق چيو آهي ته مون کي ڀلي ڪير وڏو بيٽسمين نه سمجهي، ڪا پرواهه ناهي. نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ مڊل آرڊر بيٽسمين اسد شفيق جو چوڻ هو ته مون کي ان سان ڪو فرق ناهي پوندو ته ڪير منهنجي حوالي سان ڪهڙا راءِ رکي ٿو، اها ئي ڪوشش ڪندو آهيان ته جڏهن به کيڏان پنهنجي ملڪ لاءِ ڪارڪردگي ڏيکاريان. هن چيو ته مصباح الحق ۽ يونس خان جي وڃڻ کانپوءِ اظهر علي ۽ مون تي جيڪا ذميواري آهي، اها نڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پاڪستان کي شڪست ڏئي هاڪي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي ڪراس اوور رائونڊ ۾ بيلجيئم جي ٽيم پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے