12 بدھ , دسمبر 2018

بحريا ٽائون ٽرانسفر فيس ڪيس: عدالت ڊي ايڇ اي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي پلاٽن جي ٽرانسفر فيس ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس ۾ ڊيفنس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سربراهي ۾ بينچ بحريا ٽائون جي ٽرانسفر فيس ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ بابت پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اربين رپين جي ٽرانسفر جي مد ۾ حڪومت کي رهتون ادا ڪرڻيون آهن، توهان سيل ڊيڊ بدران هڪ الاٽمنٽ ليٽر ڏيندا آهيو، ٽرانسفر فيس ۽ سي وي ٽي ادا ناهيو ڪندا. چيف جسٽس چيو ته توهان جي انگن اکرن موجب اڄ تائين 14 ارب رپيا ناهن ڏنا ويا، توهان جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايون ٿا. ان تي بحريا ٽائون جي وڪيل اظهر صديق ٻڌايو ته سيل ڊيڊ جي حوالي سان واضح پاليسي ناهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سيل ڊيڊ کان سواءِ زمين ٽرانسفر ئي نٿي ڪري سگهجي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڄ تائين جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي، غير قانوني هو، زمين رجسٽريشن جي سڄي فيس توهان جي ذمي رهيل آهي. ان تي بحريا ٽائون جي وڪيل ٻڌايو ته سموريون هائوسنگ سوسائٽيون ائين ئي ڪري رهيون آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان پنجاب هائوسنگ سوسائٽيز جي ذمي 76 ڪروڙ رپين جي رهتن جو پتو لڳايو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس تي بحريا ٽائون جي وڪل چيو ته ڊيفنس هائوسنگ اٿارٽي ۾ به ائين ٿيندو آهي، ان تي چيف جسٽس چيو ته جيڪو سلوڪ توهان سان ٿيندو اُهو ئي ڊِ ايڇ اي سان ٿيندو. هن ريمارڪس ڏنا ته ڊي ايڇ اي کي نوٽيس جاري ڪري ٿا ڇڏيون ۽ ان کي گهرائي پڇي ٿا وٺون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ان جي باري ۾ چئي ڇڏيون ته الاٽمنٽ ليٽر جاري ڪرڻ غلط آهي ۽ باقاعده رجسٽريشن ٿيڻ گهرجي ته اِهو اصول سڀني تي لاڳو ٿيندو. بعد ۾ عدالت ڊي ايڇ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي آڻيندو: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے