12 بدھ , دسمبر 2018

دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ پرڏيهي ايجنسيون ملوث آهن: راجا عمر خطاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي جي انچارج انڪشاف ڪيو آهي ته دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ پرڏيهي ايجنسيون ملوث آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي تازن ٽن واقعن جا ثبوت پاڻ ۾ ملي رهيا آهن. سي ٽي ڊي جي انچارج راجا عمر خطاب چيو ته افغانستان ۾ هن وقت پاڪستاني سمون وڪرو ڪيو پيون وڃڻ. هن وڌيڪ چيو ته موبائيل فون سمن جي بائيوميٽرڪ تصديق ضروري آهي، چيني قونصليٽ حملو ڪندڙ  هڪ دهشتگرد جي سم بائيو ميٽرڪ تي رجسٽرڊ آهي، تازن دهشتگردي جي ٽن واقعن جا ثبوت پاڻ ۾ ملي رهيا آهن. راجا عمر خطاب چيو ته مفت سلم جي لالچ ۾ شهري پنهنجي بائيو ميٽرڪ ڪرائيندا آهن، ايجنٽس سمون وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن جو فائدو دهشتگرد کڻي رهيا آهن. هن خبردار ڪيو ته شهري سم خريدڻ بعد سڃاڻپ ڪارڊ نمبر سان آن لائن تصديق ضروري ڪرائن. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي اي کي وڌيڪ سمن جي وڪري کي روڪڻ لاءِ خط لکنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ پوليس سان گڏ بيهڻ تي فخر آهي: آمريڪي قونصل جنرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي قونصل جنرل جوان ويگنر ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سعيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے