12 بدھ , دسمبر 2018

پاڪستان مان ٽي بي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون: عامر ڪياني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير عامر ڪياني جو چوڻ آهي ته پاڪستاني 2030 تائين ٽي بي جهڙي بيماري جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان جي لاءِ بندوبست ڪيا پيا وڃن. هن صحت واري عالمي اداري جي گلوبل ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي وفد سان ملاقات دوران چيو ته پاڪستان جي حڪومت ٽي بي جي خاتمي لاءِ ڀرپور بندوبست ڪري رهي آهي.  وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر گلوبل ٽي بي ڪنٽرول پروگرام ڊاڪٽر ٽريزا ڪي سيواڪي ڪئي. صحت واري وزير چيو ته هن وقت پاڪستان ٽي بي سبب پيش چيلنجن کي منهن ڏئي رهيو جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جو سهڪار به حاصل آهي. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 1350 مرڪز ۽ چار هزار ڊاڪٽر ٽي بي جي مفت سڃاڻپ ۽ علاج جون سهولتون ڏئي رهيا آهن. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ٽي بي جي خلاف عالمي جدوجهد ۾ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي ۽ حڪومت صحت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هيلٿ ڪارڊ جو دائرو سڄي ملڪ تائين پکيڙيو وڃي. جنهن جي تحت ايندڙ سال تائين هيلٿ ڪارڊ ذريعي لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ ماڻهو مفت علاج ڪرائي سگهندا. وفاقي وزير ٻڌايو ته هر سال پاڪستان جا پنج لک ماڻهو ٽي بي جو شڪار ٿيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي آڻيندو: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے