20 بدھ , فروری 2019

ڪرپٽ ماڻهو اقتدار ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾، اُهو جوابدار آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب جي چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته ڏکيائي کي برداشت ڪنداسين پر ڪڏهن به احتساب تي سمجهوتو نه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻهو ته مون کي بي شڪ گهٽ وڌ چئو جواب نه ڏينس پر جيڪڏهن اداري کي خربا چوندا ته سربراهه جي حيثيت سان جواب ڏيندو رهندس. نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته نيب ۾ سزا  ڏيارڻ جي شرح 7 سيڪڙو آهي، دعويٰ سان چوان ٿو ته نيب ۾ سزا ڏيارڻ جي شرح 70 سيڪڙو آهي جيڪڏهن اِها ڳالهه غلط ثابت ٿي ته آئون پاڻ ئي گهر هليو ويندس. هن چيو ته نيب جا وسيلا ۽ بجيٽ محدود آهي، ماضي ۾ حڪمرانن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ته نيب جي بجيٽ ۾ گهارو هنيو ويو ڏکيائي برداشت ڪنداسين پر ڪنهن سان احتساب تي سمجهوتو نه ڪنداسين. نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ ماڻهو ڀلي اقتدار ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾، جوابدار آهي، ڪرپشن جي خاتمي ۾نيب جو ڪردار ڪليدي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے