12 بدھ , دسمبر 2018

منرل واٽر ڪيس: نه ڪمپنيون قيمتون وڌائينديون نه ئي بار صارف تي مڙهيو ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته منرل واٽر ڪمپنيون پاڻي جي بوتلن جي قيمت نه وڌائينديون ۽ قيمت جو با صارف تي نه مڙهيو ويندو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪانفرنس روم ۾ منرل واٽر جي قيمتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل اعتزاز احسن چيو ته عدالت وڏو ڪم ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پاڻي جي ٽريٽمنٽ تي جيڪو ڪم فوري ٿي سگهي ٿو اُهو ڪيو جنهن ڪم ۾ دير ٿي سگهي ٿي ان جي لاءِ ٽائيم فريم طئي ڪيو. هن چيو ته ڪمپنيون زمين هيٺان وڏي مقدار ۾ پاڻي ڪڍيو پيو وڃي، پاڻي جي قيمت عدالت مقرر ڪري ڇڏي آهي، پاڻي جي بوتلن جون قيمتون ڪمپنيون نه وڌائينديون ۽ پاڻي جي قيمت جو بار صارف تي نه مڙهيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت زمين هيٺ پاڻي جي استعمال جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي. بلوچستان جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته بلوچستان به منرل واٽر ۽ سافٽ ڊرنڪس سميت هر قسم جي پاڻي جي استعمال جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس چيو ته وسيلا چوري نه ٿيڻ گهرجن ۽ سمورو ڪم نيڪ نيتي سان ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئون ته منرل واٽر جي استعمال خلاف مهم شروع ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان. هن چيو ته ڪمپنيون پاڻي جي ٽريٽمنٽ ۽ بهتري جي لاءِ عدالتي ڪميشن سان گڏ ويهي تجويزون طئي ڪن ۽ ڌريون پنهنجي طئي ڪيل تجويز بابت 13 ڊسمبر تي عدالت کي آگاهه ڪن.  ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي آڻيندو: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے