12 بدھ , دسمبر 2018

ايڊيليڊ ٽيسٽ: پوجارا ڀارت کي مڪمل تباهيءَ کان بچائي ورتو

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 250 رنسون ٺاهي ورتيون. ايڊيليڊ ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ ٻئي ڀارتي اوپنر لوڪيش راهول ۽ مرلي وجئي ترتيب وار 2 ۽ 11 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا، جڏهن ته ڪپتان ورات ڪوهلي پڻ 3 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، ان کانپوءِ ايندڙ بيٽسمين به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ هڪٻئي پويان آئوٽ ٿيندا ويا. اجنڪيا رهاني 13، روهت شرما 37، رشاڀ پنت ۽ روي چندرن ايشون 25-25، جڏهن ته اشانت شرما 4 رنسون ٺاهيون پر مڊل آرڊر بيٽسمين چتيشور پوجارا ڀارت کي مڪمل تباهيءَ کان بچائيندي 123 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ بدقسمتي سان رن آئوٽ ٿي ويو. ڀارتي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 250 رنسون ٺاهيون ته پهرين ڏينهن جي راند پڄاڻي تي پهتي. محمد شامي 6 ۽ جسپريت بمرا کاتو کولڻ بنا ڪريز تي موجود رهيا. آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ، جوش هيزل ووڊ، پيٽ ڪمنز ۽ نيٿن ليون 2-2 وڪيٽون ورتيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پاڪستان کي شڪست ڏئي هاڪي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي ڪراس اوور رائونڊ ۾ بيلجيئم جي ٽيم پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے