23 بدھ , جنوری 2019

سپريم ڪورٽ جو جيڪب آباد جي 648 ترقياتي منصوبن جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) کي جيڪب آباد جي 648 ترقياتي منصوبن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد ۾ ترقياتي منصوبن ۾ گهوٻين جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اُهي ڪهڙا وزير هئا ۽ هاڻ ڪاٿي آهن. وڪيل جواب ڏنو ته اعجاز جکراڻي عدالت ۾ موجود آهي. چيف جسٽس نيب وڪيل کان پڇاڻ ڪيو ته نيب جي انڪوائري موجب منصوبي جي لاءِ ڪيترائي پيسا آيا، اعجاز جکراڻي ڪيترا پيسا کائي ويو. نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته هن وٽ 176 ايڪڙ زرعي زمين آهي، ڪل 648 اسڪيمون هيون جيڪي ڪاغذن تي ته موجود آهن پر زمين تي ڪجهه به ناهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) جي رپورٽ موجب 23 اسڪولن جي عمارت ئي موجود ناهي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڊي سي جيڪب آباد جي رپورٽ تي اعتراض ڪيو ته چيف جسٽس کيس ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته سنڌ ۾ انتهائي خراب حالتون ڏٺيون، ڪاغذن ۾ ته اسڪيمون مڪمل آهن پر دورو ڪيو ته اُتي ڪجهه به نه هو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ڊي سي سان گڏ نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان ( نيسپاڪ) کي به ڪاٿو لڳائڻ جو چيو وڃي، چيف جسٽس کيس چيو ته توهان پنهنجي سيٽ تي تشريف رکو. جسٽس ثاقب نثار عدالت ۾ سنڌ جي هڪ تعمير هيٺ اسڪول جي تصوير کڻي ڏيکاريندي چيو ته سنڌ حڪومت جو ڪم جو معيار هي آهي، اِها بدترين قسم جي ڪرپشن آهي عدالت کي جيڪب آباد جي 648 ترقياتي منصوبن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت جو چوڻ هو ته نيب 648 ترقياتي منصوبن جي 3 مهينن ۾ جاچ ڪري ذميوارن کي ڳولهي ۽ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪري. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Approval of growth in the rise of Nepra Electric

نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے