20 بدھ , فروری 2019

ماڌوري ڊڪشت فلمن کانپوءِ سياست ۾ قسمت آزمائيندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلمن جي مشهور اداڪارا ۽ ڊانس ڪوئين جي نالي سان مشهور اداڪارا ماڌوري ڊڪشت سياست ۾ به قسمت آزمائڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. رپورٽن موجب ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي بالي ووڊ اداڪارا ماڌوري ڊڪشت کي 2019ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ميدان ۾ لاهڻ تي غور ڪري رهي آهي. ان ڏس ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي جي هڪ سينيئر ليڊر جو چوڻ هو ته اداڪارا ماڌوري ڊڪشت کي 2019ع ۾ ٿيندڙ عام چوندن ۾ ڀارتي شهر پونا جي لوڪ سڀا سيٽ تان اميدوارن جي حتمي نالن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. بي جي پي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان جي سياسي پارٽي ايندڙ سال ٿيندڙ عام چوندن ۾ ماڌوري ڊڪشٽ کي پنهنجي اميدوار جي حيثيت سان ميدان ۾ لاهڻ تي غور ڪري رهي آهي، بي جي پي ليڊر جو چوڻ هو ته اسان کي ائين لڳي ٿو ته پوني لوڪ سڀا جي تڪ لاءِ اداڪارا ماڌوري ڊڪشت ئي بهترين اميدوار آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سلمان خان به پاڪستاني اداڪارن خلاف ميدان ۾ اچي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) سلمان خان پنهنجي فلم “نوٽ بڪ” مان پاڪستاني راڳي عاطف اسلم کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے