12 بدھ , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن تي قانون واري وزير کي متبادل طريقي ڪار تيار ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي حوالي سان قانون واري وفاقي وزير کي متبادل طريقي ڪار تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 20 نڪاتي ايجنڊا سميت معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ ڪابينا ناڻي، سڌارن ۽ منصوبابندي واري وزارت جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي خاص مددگار افتخار دراني چيو ته وفاقي ڪابينا جا 15 اجلاس ٿي چڪا آهن، فيصلن تي 98 سيڪڙو عمل ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته عمران خان حددخلين خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي پر غريبن سان زيادتي نه ڪئي ويندي، وڏي لينڊ مافيا خلاف وفاقي، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ آپريشن جاري رهندو. سندس چوڻ هو ته انفرادي ڪيسن جي حوالي سان وزيراعظم هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، ننڍن واپارين کي نقصان کان بچائڻ لاءِ سهڪار جو طريقي ڪار اختيار ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن لاءِ قانون واري وزير کي متبادل طريقي ڪار تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. افتخار دراني چيو ته اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ سڌارن واري پيڪيج سميت عبوري صوبو ٺاهڻ تي وڌيڪ صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته صوبن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هارين تي بار نه وڌو وڃي. هن چيو ته متروڪا وقف املاڪ بورڊ جيچيئرمين جي مقرري جي نئين طريقي ڪار جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اڪنامڪ افيئر ڊويزن جي ست شعبن کي لاڳاپيل وزارتن حوالي ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول تي پاڪ – ڪينيڊا معاهدي جي منظوري ڏني وئي آهي، ان سان گڏ اينٽي مني لانڊرنگ جو به معاهدو ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، اجلاس ۾ ڪابينا جا دستاويز ڳجها رکڻ جي حوالي سان قدمن جي منظوري به ڏني وئي، اهڙا ڪاغذ جن تي سيڪريٽ لکيل هوندو آهي، ان جي پاسداري يقيني بڻائي ويندي، طئي ڪيو ويو ته سرڪاري ۽ رياستي ڊاڪيومينٽس کي تحفظ ملڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته نيب هڪ آئيني ادارو آهي، جنهن تي حڪومت جو ڪو ڪنٽرول ناهي، نيب ڪيسن ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي پر نتيجا اهڙي قسم جا ناهن، اداري کي هر وقت پنهنجي حالت بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته ترديد باوجود ناڻي واري وزير جي استعيفيٰ جون خبرون هلايون ويون، جنهن جو ملڪ کي نقصان ٿيو، رياستي معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ ضروري آهي، نمائندا خبر هلائڻ کان اڳ اسان کان پڇا ڪن، سيڪريٽ ايڪٽ 1923 سڀني تي لاڳو ٿئي ٿو. روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر چيو ته 18 ارب رپين سان پاڪتان پاورٽي گريجوئيشن پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ بي آءِ ايس پي مان پئسو وٺندڙن کي چونڊي ٽيڪنيڪي اوزار ۽ مشينون فراهم ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف مشن جا ڪجهه ماڻهو پاڪستان ۾ موجود رهن ٿا پر آءِ ايم ايف سان باضابطي طور ڳالهه ٻولهه جنوري جي آخر ۾ ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين ايوان نه هلندو: ن ليگ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارليماني پارٽي خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے