12 بدھ , دسمبر 2018

مني لانڊرنگ جي خاتمي تي برطانيا سهڪار ڪري: فواد چوڌري

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته برطانيا مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو. هن برطانوي پارليمان جي دوري دوران ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن پر هو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڏسڻ جو خواهشمند آهي. سڌُ سماءَ واري وزير برطانوي پارليماني ميمبرن کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي سماجي ۽ معاشي سڌارن جي ايجنڊا بابت به آگاهه ڪيو. سمنڊ پار پاڪستانين بابت هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي پيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور نموني ادا ڪنداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ عمران خان جو ويزن آهي ته عوام کي غربت مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڇي ۽ تحريڪ انصاف ان تي عمل پيرا آهي. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير جي تڪرار کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان ڪرتارپور راهداري جو آغاز ڪري هڪ اهم ۽ مثبت قدم کنيو آهي ۽ ڀارت مان به اهڙي ئي مثبت رويي جي اميد رکون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين ايوان نه هلندو: ن ليگ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارليماني پارٽي خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے