20 بدھ , فروری 2019

وزير اعظم عمران خان جي ٽيم ڪمزور ناهي پر نئين آهي: جهانگير ترين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جي ٽيم ڪمزور ناهي پر نئين آهي. سمورا وزير بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ پنهنجون صلاحيتون صرف ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين جو چوڻ هو ته عمران خان جيڪو ٽاسڪ ڏيندو آهي اهو انجام ڏيندو آهيان. هميشه پنهنجي ڪارائتي راءِ عمران خان کي ڏيندو آهيان. جهانگير ترين چيو ته مون کان ڪير پڇندو آهي ته آئون ان کي اِهو ئي چوندو آهيان ته آئون ڪو به حڪومتي عهدو نٿو رکي سگهان پر پاڪستان جي خدمت ڪرڻ نه ڇڏيندس. هن چيو ته عمران خان هاڻ به مون تي ايترو ئي اعتماد ڪندو آهي جيترو پهرين ڪندو هو. جهانگير خان ترين چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ٻهراڙي واري ڪونسل تائين اختيار ڏئي ڇڏينو جيئن اسان خيبرپختونخواهه ۾ ڪيو هو ائين ئي پنجاب ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا. پي ٽي آءِ هيٺين سطح تي اختيار ۽ وسيلا ڏيڻ جو عزم کڻي آئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ڊس فنڪشنل ناهي، هو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي. جهانگير ترين واضح ڪيو ته حڪومتي فيصلن ۾ منهنجي ڪا به ڪارڪردگي ناهي. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو پر  100 کان وڌيڪ ڏينهن لڳندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے