12 بدھ , دسمبر 2018

هاڻ ايپ ذريعي رت جي کوٽ جو پتو لڳايو

اٽلانٽا (ويب ڊيسڪ) ماهرن هڪ اهڙي سمارٽ فون ايپ تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا نَنهن جي تصوير ڏسي ان تي تجزيو ڪري انيميا جي نشاندهي ڪندي. جڏهن اسان انيميا يا رت جي کوٽ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته مريض ۾ هيموگلوبن گهٽ آهي يا وري رت جون ڳاڙهيون خليون معمول کان گهٽ آهن، ان هن وقت ۾ ٻه ارب آبادي ان ڪيفيت جو شڪار آهي، جيڪڏهن وقت سر علاج نه ڪرايو وڃي ته ڪيترائي مئسلا پيدا ٿي ويندا آهن. اٽلانٽا ۾ ايموري يونيورسٽي جي ولبر ليم سمارٽ فون ذريعي رت جي کوٽ تي غور ڪيو ۽ هڪ ايپ ٺاهي، جيڪا ننهن جي تصوير ڏسي انيميا جي سڃاڻپ ۾ مدد ڏيندي. ماهر چئي چڪا آهن ته آڱرين جي ننهن جي هيٺين رنگ سان انيميا جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي، ڇو ته ان رنگ جو ذميوار هيموگلوبن ئي هوندو آهي. ننهن جي تصوير ڏسي ايپ سيڪڊن ۾ رت جي کوٽ جو انڪشاف ڪندي آهي. ان ۾ هيموگلوبن جي مريضن جو وڏو آن لائن ڊيٽا بيس آهي ۽ اها ايپ تصوير ڏسي انيميا جي ڪامياب سڃاڻپ ڪندي آهي. ولبر ليم موجب ان ايپ سان رت جي کوٽ ڄاڻڻ لاءِ ڪنهن ماهر جي ضرورت نه پوندي ۽ اهو ڪم سيڪنڊن ۾ ٿي ويندو پر ان جي وڏي پئماني جي آزمائش جي ضرورت آهي، جنهن تحت ان کي پوڙهن، ڳورهاري عورتن ۽ ننڍن ٻارن تي آزمايو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

2018  ۾ يوٽيوب جون ٽاپ وائرل ويڊيوز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) يوٽيوب 2018 ۾ پوري دنيا ۾ مشهور ۽ وائرل ٿيندڙ ويڊيو جي فهرست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے