12 بدھ , دسمبر 2018

حتمي اپيلون رد، 18 پرڏيهي اين جي اوز کي پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان حڪومت سڄي ملڪ ۾ رفاحي ڪمن ۾ مصروف 18 عالمي غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) کي ملڪ ڇڏڻ جو حتمي حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته آمريڪي، برطانوي ۽ يورپي يونين سميت ٻين ملڪن جي اين جي ايوز طرفان پاڪستان ۾ رهڻ جي اپيل داخل ڪئي هئي جنهن کي رد ڪيو ويو. ان حوالي سان رفاحي اداري جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته حڪومتي فيصلي سان لکين غريب ماڻهو متاثر ٿيندا. پرڏيهي خابرو اداري اي پي کي مليل دستاويزن موجب لاڳاپيل اختيارين طرفان وڌيڪ 20 اين جي اوز کي بي دخل ڪرڻ جو حڪم ملي سگهي ٿو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪجهه مهينا اڳ حڪومت طرفان ڪنهن وضاحت کان سواءِ ئي لڳ ڀڳ 38 عالمي اين جي اوز کي سڄي ملڪ ۾ جاري مختلف پروگرام بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. خيال رهي ته اِهو تاثر موجود آهي ته آمريڪا ۽  يورپين ملڪ سماجي ڪارڪنن جي ويس ۾ پاڪستان ۾ جاسوسي ڪندا آهن. ان حوالي سان انساني حقن جي وزير شيرين مزاري ٽوئيٽ ڪيو ته 18 گروپن کي فوري طور تي ملڪ ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو. هن لکيو ته ڄاڻايل اين جي اوز ۽ گروپ فوري طور تي هليا وڃن، انهن کي طئي ٿيل معاهدي جي موجب ڪم ڪرڻ گهرجي ها جيڪي هي 18 گروپ نه ڪري سگهيا. پاڪستان هيومينٽيرين فائونڊيشن جي ترجمان ٻڌايو ته سندس اين جي او ملڪ ۾ 1 ڪروڙ 10 لک غريبن جي لاءِ سماجي ڪم ۽ 13 ڪروڙ ڊالر جو مالي سهڪار ڪندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين ايوان نه هلندو: ن ليگ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارليماني پارٽي خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے