20 بدھ , فروری 2019

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو 4.5 جي موبائل سروس متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 4.5 جي ٽيڪنالاجي براڊ بينڊ جي صورت ۾ ته موجود آهي پر هڪ ڪمپني پهريون ڀيرو اها ٽيڪنالاجي موبائل فون واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٽيلي نار پاڪستان دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 4.5 جي موبائل نيٽ ورڪ متعارف ڪرائي رهي آهي، جيڪو واهپيدارن کي تيز رفتار ڊيٽا نيٽ ورڪ جي سهولت فراهم ڪندو. ڪمپني موجب اهو جديد ايل ٽي وي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ڏانهن قدم آهي ۽ هن وقت 80 سيڪڙو واهپيدار ٿري جا فور جي استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هيءَ نئين ٽيڪنالاجي ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ ناهي. ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسان 4.5 جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا مستقبل ۾ فائيو جي ڏانهن وڌائينداسين. ان ٽيڪنالاجي سان واهپيدارن کي تيز ترين اپ لوڊنگ ۽ ڊائون لوڊنگ اسپيڊ سان گڏ ٻين ويب سروسز جي اسپيڊ ۾ واضح تيزي محسوس ٿيندي پر موبائل آپريٽنگ ڪمپني اهو واضح ناهي ڪيو ته 4.5 جي ۾ ڊائون لوڊنگ يا اپ لوڊنگ اسپيڊ ڪيتري هوندي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته 4.5 جي فيچرز کي ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ايڪٽيويٽ ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ ان کان اڳ 4.5 جي انٽرنيٽ سروس کي گذريل سال وائي ٽرائب متعارف ڪرايو هو، جيڪا گهريلو واهپيدارن لاءِ براڊ بينڊ پيڪيجن جي صورت ۾ دستياب هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے