12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ| ڪوئلي تي هلندڙ پروجيڪٽ ماحول لاءِ هاڃيڪار آهن: سماجي اڳواڻ

صحافين ۽ سماجي اڳواڻن چيو آهي ته دنيا ۾ ماحولياتي خطرا وڌڻ ڪري ڪول پروجيڪٽ بند ڪيا پيا وڃن جڏهن ته اسان وٽ ونڊ انرجي تي ڪم ڪرڻ بدران ڪول پروجيڪٽس تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.

ڪول پاور پروجيڪٽ جا سماجي ۽ ماحولياتي اثر جي عنوان هيٺ هڪ ويهڪ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ٿي جنهن ۾ سول سوسائيٽي جي نمائيدي  شرڪت ڪئي .

خطاب ڪندي فشرفوڪ فورم جي اڳوڻ محمد علي شاهه چيو ته ڪول پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون موت جون فيڪٽريون  آهن. دنيا جا سڀ انسان دشمن منصوبه قومي مفاد جي نعري هيٺ ٺهيا آهن

سندس چوڻ هو ته  پوري دنيا ڪول انرجي کي رد ڪري ونڊ ۽ سولر انرجي طرف وڃي پئي. جڏهن ته اسان ماحول  دشمن ، غير معياري  ڪول پروجيڪٽ تي فخر ڪريون پيا.

هن چيو ته سرمائيدارن سرمائي جي بقا خاطر دنيا جو ماحول تباهه ڪيو آهي. چين جهڙو ملڪ به پنهنجا ڪول پروجيڪٽ بند ٿو ڪري .

هن وڌيڪ چيو ته مزاحمت نه ڪنداسين ته سرمائيدار تباهه ڪري ڇڏيندا .

ناليواري واري محقق ۽ دانشور گل حسن ڪلمتي چيو ته ماحوليات جو مسئلو انتهائي اهم آهي، ڪول پروجيڪٽس وارن علائقن ۾ مخلتف بيمارين منهن ڪڍيو آهي،  اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي انساني  زندگيون عزيز آهن يا غير معياري ترقي ؟

سينيئر صحافي سهيل سانگي چيو ته ٿر جي ماڻهن کي ملڪ جو شهري ئي نٿو مڃيو وڃي. اهو ڏٺو وڃي ته ٿر ڪول جي ڪري ٿر ۾ ڪهڙي ترقي ٿي ۽ هيئنر تائين ان جا نقصان ڪيترا ٿيا آهن

هن چيو ته ڪالهه تائين پاڻ کي سرڪار چوندڙ شمس الدين شيخ کان ٿر جي ماڻهن کي ڇٽڪارو مليو آهي.

انجيئر رحمت الله چيو ته هن وقت ونڊن ۽ سولر انرجي تي ڪم ڪرڻ جي تمام گھڻي ضرورت آهي ، ڪول تي ڪم ڪرڻ جيتري بجيٽ جيڪڏهن ونڊ ۽ سولر انرجي تي لڳائجي ها ته اڄ هر گهر ۾ بجلي هجي ها

ويهڪ ۾ ملڪ اندر هلندڙ سڀئي ڪول پراجيڪٽ بند ڪرڻ ۽ ماحول دوست انرجي تي ڪم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي.

اينٽي ٿرڪول پيپلز ڪاروان جو اعلان ڪندي 13 ڊسمبر تي حيدرآباد ۽ فيبروري ۾ اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين ڪافلو ڪڍيون ويندو جيڪو ٿر ڪول پروجيڪٽس جي تباهين بابت عوام کي آگاهي ڏيندو

رپورٽ: اسد ممتاز رڏ

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| عادلپور: ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

عادلپور ۾ ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے