12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ| 100ڏينهن ۾ حڪومت جو ميڪ اپ لهڻ بعد بدحالي ظاهر ٿي پئي: احسن اقبال

ن ليگ  اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته بد قسمتي اها آهي ته 70 سالن کان وٺي ملڪ اندر تجربا ڪرڻ بند نه ڪيا ويا آهن، جنهن جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي،

شڪارپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته نئين پاڪستان ٺاهڻ جي دعوا پئي ڪئي وئي پر نئين پاڪستان جو 100 ڏينهن ۾ ميڪپ لٿو ته بدحال پاڪستان ظاهر ٿي پيو آهي

هن چيو ته عمران خان کي ڪو آئينو ڏيکارڻ وارو نه آهي جنهن جي نا اهلي ملڪي معيشيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ بدترين حڪومتن به ايئن نه ڪيو جيئن هاڻي چند ماڻهن ملي ڪري 20 ڪروڙ عوام مٿان 100 ڏينهن ۾ 2 هزار ارب ڊالرن جي قرض جو بار ملڪ مٿان وڌايو آهي،

احسن اقبال چيو ته وزير اعظم پاڻ 3 سئو ڪئنال جي گهر ۾ آرامي آهي مديني واري رياست ۾ ٻار بک نه مرندا آهن نه ئي ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويندو آهي

هن چيو ته ڪابه ٽيسٽ ٽيوب حڪومت عوام جا مسئلا حل نه ٿي ڪري سگهي مسلم ليگ (ن) ايندڙ چونڊن لاءِ تياري ڪري رهي آهي،

احسن اقبال چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت کان اڳ ملڪ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي هنن جي حڪومت ملڪ کي 12 هزار ميگا واٽ بجلي جا منصوبا ڏئي لوڊ شيڊنگ کي ڪنٽرول ڪيو

هنن جي حڪومت 1750 ڪلوميٽر موٽروي جي تعمير ڪئي جن ۾ رتوديرو ۽ خزدار موٽروي شامل آهن

هن وڌيڪ چيو ته نئين پاڪستان جي ڊرامي بازي ختم ٿيڻ واري آهي پاڪستاني عوام ڪنهن جو غلام نه آهي جو هن مٿان پنهنجون پاليسيون مسلط ڪيون وڃن

رپورٽ: توحيد بروهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| عادلپور: ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

عادلپور ۾ ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے