12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ| ٿرڪول يوسي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ٿرڪول يو سي جي منصوبو ناڪام،سپريم ڪورٽ جاچ نيب حوالي ڪندي ثمر  مبارڪ خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ساڍا چار سئو ملازمن جون پگهارون ستن مهينن کان بند هئڻ سبب ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن.

يوسي پروجيٽ تي عوام جا چار ارب ٻڏڻ تي يو سي جي ڪمپني جي سي اي او ڊاڪٽر ثمرمبارڪ خلاف عدالت ڪاروائي جو حڪم ڏنو آهي

سپريم ڪورٽ ريماڪس ڏيندي چيو ته ثمر مبارڪ عوام جا اربين رپيا ٻوڙي ڇڏيا،اهو پئيسا ڪيڏانهن ويا؟

منصوبي تي ڪم ڪندڙ ساڍا چار سئو ملازم ستن مهينن کان پگهارن کان محروم بڻيل آهن،انهي سلسلي ۾ پگهارون بند هجڻ ۽ بيماري سبب علاج نه ڪرائي سگهندڙ هڪ ملازم فقير حيدر علي فوت ٿي ويو آهي

ٻئي پاسي ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جي يو سي جي پروجيڪٽ بلاڪ 5 تي ڪم ڪندڙ 460 ملازمن جو 91 ڏينهن به ملازمت جي مستقلي ۽ گذريل 6 مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف پراجيڪٽ جي مُک دروازي آڏو ڌرڻو جاري آهي

رپورٽ: غازي بجير

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| عادلپور: ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

عادلپور ۾ ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے