12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ| ڪراچي:پروگريسو الائينس پاران شاگرد يونين جي بحالي لاءِ احتجاج

ڪراچي ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن پاران شاگرد يونين جي بحالي ۽ واڌو فيسون وٺڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پروگريسو يوٿ الائنس پاران سيمينار ڪوٺايو ويو ۽ ريلي ڪڍي وئي،  جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ۽ سياسي ، سماجي تنظيمنن جي نوجوانن شرڪت ڪئي

ان موقعي خطاب ڪندي ڪامريد انعم ، برڪت علي ، عطاالله آفريدي ، پارس جان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ضياءُ جي دور کان شاگرد يونين تي پابندي مڙهي هڪ منصوبي جي تحت تعليم کي وکر بڻايو ويو ته جئين غريب ۽ محنت ڪش طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوان علم کان وانجهيل رهن .

هنن چيو ته ملڪ جو آئين هر شهري کي تعليم ڏيارڻ جو پابند آهي . حڪمرانن جي  پاليسين جي جي ڪري اڄ اڍاهي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر جبري پورهيو ڪرڻ ته مجبور آهن .

اڳواڻن چيو ته يونيوسٽين ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي جو هڪ سيڪڙو ٻار داخلا وٺن ٿا.جڏهن ته سيڪيورٽي جي نالي تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ تعليم تي لڳائي وڃي ها ته تعليم جو معيار بهتر هجي ها

شاگردن مطالبو ڪيو ته شاگرد يونين کي بحال ڪري ملڪي بجيٽ جو پنج سيڪڙو تعليم لاءِ مقرر ڪري سڄِي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام مقرر ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾نائين ڪنوويڪشن جي تقريب

رپورٽ| ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾نائين ڪنوويڪشن جي تقريب رپورٽ: صدام ساگر

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے