23 بدھ , جنوری 2019

رپورٽ: جهڏو: عورت جو مائٽن جي ناانصافين خلاف احتجاج

* جهڏو شهر جي حاجي عاشق ڪالوني جي رهواسي 45 سالا  عورت بي بي سيد جنت شاھ  ميڊيا سينٽر جهڏو تي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته  سندس والد جي ڏنل ملڪيت تي ڀائٽن قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا .

 هن الزام هنيو ته  سندس حصي  جي پلاٽن ۽ گهر تي ڀائيٽا غلام نبي شاھ، زمان شاھ، عرفان شاھ، ۽ چاچو شاھ محمد قبضو ڪرڻ چاهين ٿا

هن چيو ته والد جي   وفات کان پوء هن تي ظلم ڪيا   مارڪٽ ڪندا هئا جنهن سبب هو اباڻو گهر ڇڏي ڪرائي جي جاءِ ۾ رهي ٿي.

 متاٿر عورت ٻڌايو ته هو  جڏهن پنهجي حصي جي ملڪيت وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي ته ڄاڻايل ماڻهو خريدارن کي دمڪيون ڏئي روانو ڪري ڇڏين ٿا.

 هن ايس ايس پي ميرپورخاص ڊي ايس پي جهڏو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گاجي کهاوڙ: امير سنڌ جي تباهه ٿيل اسڪولن جا ذميوار ڪير؟

گاجي کهاوڙ لڳ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا ٽي شاگرد زخمي. شاگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے