12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ:شهدادپور : بيروزگار نوجوانن جو تيل ڪمپني خلاف احتجاج

*شھدادپور ۾ پي پي ايل ڪمپني  پاران مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف سوين  بروزگار نوجوانن پاران احتاجج ڪيو ويو .

نوجوانن  علي محمد بروهي. غلام اصغر باگراڻي. شعيب ٽالپر نبي بخش منگسي. جبار ڪلوئي. رياض سومرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي سامھون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 هنن چيو ته ضلع سانگهڙ اندر تيل جا  تمام گهڻا  ذخيرا نڪرڻ باوجود مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ انهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي .

 هنن چيو ته تيل ڪمپني مقامي ماڻهن لاءِ رزگار جا دروازا بندي ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ترقياتي ڪم به نه پيا ڪرايا وڃن .

 هنن مطالبو ڪيو ته ترت ترقيات ڪم ڪرائي مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| نوابشاهه: حيسڪو بجلي جون رهتون ڄاڻائي 500ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

نوابشاهه جي ڪچي واري علائقي ۾ حيسڪو انتظاميا رهتون ڄاڻائي مختلف ڳوٺن جا 5سئو کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے