13 جمعرات , دسمبر 2018

هڪ فون ۾ 3 سهولتون ….

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)هڪ غير مشهور ڪمپني پلانيٽ ڪمپيوٽر 90 جي ڏهائي دلچسپ ايجاد کي جديد رخ ڏنو آهي ۽ هن ڪوسمو ڪميونڪيٽر تيار ڪيو آهي جنهن ۾ موبائل فون، ڪئميرا ۽ هڪ ننڍو ليپ ٽاپ تيار شامل آهي، جڏهن ته هي سٽارٽ اپ ڪمپني آهي جنهن پنهنجي منصوبي لاءِ فنڊگ شروع ڪئي آهي، ڪوسمو ڪميونڪيٽر بند ٿي تهه ٿي ويندو ۽ کولڻ تي کلي ڪتاب جيان ٿي ويندو جنهن ۾ 6 انچ ٽچ اسڪرين ۽ معياري ڪيبورڊ آهي جيڪو عام طور ليپ ٽاپ ۾ موجود هوندو آهي، سمارٽ فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر، ڪال بٽنڻ ايئرپيس، مائيڪ ۽ 24 ميگا پڪسل ڪئميرا به آهي. هن جو آپريٽنگ سسٽم اوپن سورس آهي جڏهن ته ٻين فيچرن ۾ ميڊيا ٽيڪ هيليوپي 70 پروسيسر، بيڪ لائٽ ڪي بورڊ، 6 جي بي ريم ۽ ٻيون سهولتون پڻ موجود آهن، هن جي شروعاتي قيمت 800 ڊالر رکي وئي آهي جڏهن ته 549 ڊالر ان ماڻهن لاءِ جيڪي هن کي پهريان بڪ ڪرائيندا، هن جي ڊيزائننگ مارٽن رڊيفورڊ ڪئي آهي، توهان کي ياد هوندو ته 90 جي ڏهائي ۾ نوڪيا ڪي بورڊ واري ڪميونڪيٽر فون متعارف ڪرايو هو ۽ هي ان جو جديد ورزن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سافٽ ويئر جي خرابي سبب ڊيٽا متاثر، گوگل پلس کي 4 مهينا اڳ ئي بند ڪرڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) گوگل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ جي ڀيٽ ۾ لانچ ڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے