23 ہفتہ , فروری 2019

انسٽاگرام جي فيڊ سروس متاثر، واهيپدارن جي شڪايتن تي ڪمپني جي وضاحت

A bizarre Instagram glitch is the reason your feed is messed upڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) جيڪڏهن اوهان به موبائيل فون تي انسٽاگرام ايپ جي هوم فيڊ اسڪرول ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيو ته ان جو بنهه اهو مطلب ناهي ته اوهان جي فون ۾ ڪو مسئلو آهي پر ان جو سبب ايپ ۾ موجود ٽيڪنيڪي خرابي آهي. ان ڏس ڪيئي واهپيدارن شڪايت ڪئي ۽ ٻڌايو ته هوم فيڊ ۾ اسڪرول ڪندي تصويرن تي لڪيرون بڻيل نظر اچي رهيون آهن. جنهن تي ڪمپني پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ آگاهه ڪيو آهي ته فيڊ جي خرابي جو ڪارڻ موبائيل ناهي پر ايپ ۾ ٽيڪنڪي خرابي آهي.انسٽاگرام ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان مسئلي جي حل لاءِ ڪوشش جاري آهي، پر ان حوالي سان ڪو به حتمي وقت ناهي ڏنو ويو ته ڪيستائين ان خرابي مان ڇٽڪارو حاصل ڪيو ويندو. واضح رهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان مشهور فوٽو شيئر ايپ ۾ واهپيدار کي هوم فيڊ استعمال ڪندي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ واهپيدار اهو سمجهي رهيا هئا ته شايد سندن موبائيل فون ۾ ڪو مسئلو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي کائيندڙ بيڪٽيريا دريافت

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ماهرن اهڙا بيڪٽيريا ۽ جراثيم دريافت ڪيا آهن جيڪي اليڪٽرون جي صورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے