21 اتوار , اپریل 2019

برطانوي حڪومت ڀارت چين ۽ روس لاءِ گولڊن ويزا اسڪيم بند ڪري ڇڏي

UK’s ‘golden visa scheme’ suspendedبرطانيا ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا مني لانڊرنگ خلاف ڪارروائي ڪندي ڀارت، چين ۽ روس لاءِ گولڊن ويزا اسڪيم کي بند ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانوي حڪومت مني لانڊرنگ، انساني اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ واڌ ٿيڻ تي ڀارت، روس ۽ چين لاءِ گولڊن ويزا معطل ڪري اسڪيم کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. برطانيا هلندڙ سال گولڊن ويز اسڪيم، مالي طور تي مضبوط ماڻهن ۽ صنعتڪارن لاءِ متعارف ڪرائي هئي، جنهن ذريعي هزارين ماڻهن برطانيا ۾ شهريت حاصل ڪئي ۽ برطانيا به ان اسڪيم مان 498 ملين پائونڊز جو ريونيو ڪمايو هو. عوامي موٽ ۽ برطانوي حڪومت کي رڪارڊ ريونيو ملڻ باوجود گولڊن ويزا اسڪيم جي بندش جو فيصلو ويزا رکندڙ ماڻهن جي مني لانڊرنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئڻ کانپوءِ ڪيو ويو . برطانوي حڪومت مني لانڊرنگ ۾ صفر ٽالرينس جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو گولڊن ويزا پاليسي جي غلط استعمال جا ثبوت ملندي ئي ان اسڪيم کي بند ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لبيا ۾ خليفا حفتر جي فوج سان سهڪار جون خبرون بي بنياد آهن: فرانس

پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس لبيا ۾ جنرل خليفا حفتر جي فوج جي حمايت ۽ سهڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے