23 بدھ , جنوری 2019

سعد رفيق پي ٽي آءِ ۾ شموليت لاءِ سيڪريٽري جنرل بڻائڻ جو شرط رکيو: فياض الحسن چوهاڻ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته خواجه سعد رفيق عمران خان سان پارٽي جو سيڪريٽري جنرل بڻائڻ جي شرط تي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي، کيس ميڊيا سامهون اچڻ تي شرم اچڻ گهرجي. پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته ملڪ کي ڦري هي ماڻهو حاجي بڻجي سامهون ايندا آهن. هن چيو ته 200 ۾ پيرا گون سوسائٽي جو بنياد رکيو، 2000 ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف پيشيون ڀوڳي رهيا هئا، سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ آمر سان ڊيل ڪرڻ کانسواءِ ڪاروبار نه پئي ڪري سگهيا. هن چيو ته  نواز شريف جلاطن ٿيو ته خواجه سعد رفيق حڪومت سان ملي مذا ماڻيا. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي ڪرپشن جا انڪشاف شروع ٿي ويا آهن، سعد رفيق جو اصل چهرو جلد قوم سامهون اچي ويندو. فياض الحسن چوهاڻ چيو ته اسان 18 سالن کان ٻڌي رهيا آهيون ته ماڻهو آمريت سان ٽڪرائيندا رهيا، ڇا سعد رفيق آمر جي دور ۾ بارگيننگ نه ڪئي. هن چيو ته لوهه جي چڻن ۽ ميٽرو واري سرڪار چاهي ٿي ته کين پرلٽ جي ڍر ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Approval of growth in the rise of Nepra Electric

نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے