12 بدھ , دسمبر 2018

العزيزيه ريفرنس: جي آءِ ٽي شاهدن جا بيان قلمبند نه ڪيا: خواجا حارث

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل چيو آهي ته جي آءِ ٽي 25 سيڪڙو شيئرز جي وڪرو جي شاهدن جا بيان قلمبند نه ڪيا، جڏهن ته جي آءِ ٽي ميمبرن يو اي اي پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستاني قونصل خاني نه ڪيا.  احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريرفنس جي ٻڌڻي ٿي.  خواجه حارث عدالت پهچڻ بعد موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه پريشان هو، هاني اسان 17 ڊسمبر تائين بحث مڪمل ڪري ڇڏينداسين.  احتساب عدالت جي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته پوءِ مون کي وقت گهٽ ملندو، ايئن ڪيون ٿا ڪجهه وقت توهان ۽ ڪجهه پراسيڪيوشن جو گهٽ ڪري وٺون ٿا.   العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته جن دستاويزن جي بنياد تي يو اي اي اختيارين کي ايم ايل اي لکيو ويو اهو عدالت سامهون نهاي جڏهن ته واجد ضياءَ چيو ته 12 ملين درهم جي ڪا ٽرانزيڪشن نه ٿي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته گلف اسٽيل ملز جي ذمي بقايا رقم ڪئين ادا ٿي، ڇا بقايا رقم بئنڪ کي ادا ڪرڻي هئي، ڪا بئنڪ گارنٽي هئي؟  خواجه حارث چيو ته اسان فرض ڪيون ٿا ته بقايا رقم جي ادائيگي لاءِ ڪا بئنڪ گارنٽي هئي ۽ جڏهن واجد ضياءَ ان جي ادائيگي جو ذڪر ڪيو ته ان وٽ بئنڪ گارنٽي بابت  ڄاڻ نه هئي. خواجه حارث عدالت کي آگاهه ڪيو ته جي آءِ ٽي عبدالله قائد آهلي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ کان پاسو ڪيو،  جڏهن ته جي آءِ ٽي 25 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪندڙ شاهدن جو به بيان قلمبند نه ڪيو،  اهو به ڪوڙ ڳالهايو ويو ته ٺاهه جي شاهد سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته جي آءِ ٽي جي ميمبرن نه ته يو اي اي پرڏيهي وزارت ويا ۽ نه پاڪستاني قونصل خاني ويا. خواجه حارث دليل جاري رکندي چيو ته 1980 جي ٺاهه جي پويان يو اي اي پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستاني قونصل خاني جو ٺپو موجود آهي، جڏهن ته جي آءِ ٽي طرفان چيو ويو آهي ته اتي عدالت جي ٺاهه جو رڪارڊ نه مليو آهي. عدالت العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي آڻيندو: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے