12 بدھ , دسمبر 2018

موبائيل فون تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ سان حڪومت کي 36 ارب ملندا: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پاڻي لاءِ موبائيل فون تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ سان حڪومت کي 36 ارب ملندا، منرل واٽر تي في لٽر هڪ رپيو ٽيڪس لڳائينداسين ته ساليانو 7 ارب رپيه ملندا. ڊيم جي اڏاوت جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي انتظام هيٺ سمپوزيم جي پڌرنامي تي عملدرآمد بابت چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. آبي وسيلن واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي پاڻي جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت اسلام آباد پڌنامو منظور ڪيو آهي،  وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ پڌرنامي کي نيشنل واٽر ڪائونسل ۾ به بحث هيٺ آندو ويو.  چيف جسٽس چيو ته ان معاملي تي حڪومت جو هر قدم ساراهه جوڳو آهي، موبائيل فون تي ود هولڊنگ ٽيڪس سان 36 ارب رپيه ملندا، منرل واٽر ڪمپنيون هر سال 7 ارب ليٽر پاڻي زمين مان ڪڍنديون آهن، في لٽر پاڻي تي هڪ ارب رپيه ٽيڪس لڳايون ته هر سال 7 ارب رپيه ملندا، عدالت اهڙي نموني ڊيم ٺاهڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهي آهي. آبي وسيلن واري سيڪريٽري چيو ته عدالت پاڻي جي کوٽ بابت ڄاڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي، نه ته معاملو سالن تائين بند پيل رهي ها.  چيف جسٽس چيو ته منهنجي وڃڻ کانپوءِ معاملو بند نه ٿيڻ ڏجو. آبي وسيلن واري سيڪريٽري چيو ته عدالت اسلام آباد پڌرنامو ڊيمن جي اڏاوت جي نگراني لاءِ بڻايل عملدرآمد بئنچ کي موڪلي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ رينجرز جون ڪارروايون، 12 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 12 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے