17 اتوار , فروری 2019

زلفي بخاري آف شور ڪمپنيون ڪيس ۾ نيب اڳيان پيش، استعيفيٰ جو امڪان رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي خاص مددگار زلفي بخاري آف شور ڪمپنين جي ڪيس ۾ نيب اڳيان بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو.  زلفي بخاري نيب راولپنڊي طرفان آف شور ڪمپنين جي جاچ جي سلسلي ۾ نيب اڳيان پيش ٿيو.  ڊي جي عرفان منگي جي هدايت تي 3 رڪني ٽيم زلفي بخاري جو بيان قلمبند ڪيو. نيب جي آفيس آمد جي موقعي تي زلفي بخاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب پراسيڪيوٽر سان جهيڙي جي ڳالهه غلط آهي، مان کيس سڃاڻان ئي نه ٿو. هن چيو ته جن ٻن وزيرن استعيفيٰ ڏني تنهن ۾ هڪ تي ريفرنس هو، ٻي تي جي آءِ ٽي ٺهي، منهنجو ٻٽي شهريت جو ڪيس آهيجنهن جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي. هن چيو ته  منهنجي ڪيس ۾ ڪو به چوري جو الزام ناهي، ڪو ريفرنس ناهي، جڏهن ته اي سي ايل ۾ منهنجي نالي بابت فيصلو اچڻ وارو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے