17 اتوار , فروری 2019

شنگهائي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني 400 ملين ڊالر سيڙپڪاري جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شنگهائي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني وزسيراعظم کي پاڪستان ۾ 400 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان شنگهائي اليڪٽرڪ پاورڪمپني جي وفد سان ملاقات ڪئي.  وفد وزيراعظم کي شنگهائي ڪمپني جي حوالي سان بريف ڪيو. ان موقعي تي شنگهائي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي چيئرمين وانگ يوڊان وزيراعظم کي پاڪستان ۾ 400 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي جنهن جي هن آجيان ڪئي.  وزيراعظم چيو ته شنگهائي اليڪٽرڪ جي سيڙپڪاري بابت فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت سيڙپڪارن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي گنجائش آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے