12 بدھ , دسمبر 2018

ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان، محمد عامر جي واپسي

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو . پاڪستان ٽيم هلندڙ مهيني ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندي جتي 3 ٽيسٽ، پنج هڪ ڏينهن وارين ميچن ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. 26 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. چيف سليڪٽر انضمام الحق لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽيم جي قيادت سرفراز احمد ڪندو جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ڏکڻ آفريڪا خلاف اهم سيريز لاءِ قومي ٽيم ۾ اسٽار فاسٽ بالر محمد عامر جي به واپسي ٿي آهي، سليڪٽرن مٿس اعتماد جو اظهار ڪندي کيس اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو، ان کان اڳ گڏيل عرب رياستن ۾ نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ کيس ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو هو. ڏکڻ آفريڪا خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد ڪپتان، فخر زمان، امام الحق، شاد مسعود، بابر اعظم، اظهر علي، حارث سهيل، اسد شفيق، محمد رضوان، ياسر شاهه، شاداب خان، فهيم اشرف، حسن علي، محمد عباس، محمد عامر ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 26 ڊسمبر کان سينچورين ۾ شروع ٿيندي. ٻي ميچ 3 جنوري کان ڪيپ ٽائون ۽ ٽئين ۽ آخري ميچ 11 جنوري تي جوهانسبرگ ۾ رٿيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي آڻيندو: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ بلوچستان ۾ خوشحالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے