12 بدھ , دسمبر 2018

ايمرجنگ ايشيا ڪپ: پاڪستان يو اي ايِ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ کيڏيل پنهنجي ٻي ميچ ۾ گڏيل عرب رياستن کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ايمرجنگ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان گڏيل عرب رياستن کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. مهمان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 233 رنسون ٺاهيون جڏهن ته گرين شرٽس صاحبزادا فرحان ۽ حسين طلعت جي سينچرين جي مدد سان هدف آساني 39 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. صاحبزدا فرحان لڳاتار ٻي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي، هن 10 چوڪن جي مدد سان 120 بالن تي 104 رنسن جي اننگز کيڏي. حسين طلعت پڻ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 2 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 109 بالن تي 116 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. گڏيل عرب رياستن کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ قومي ايمرجنگ ٽيم سيمي فائينل لاءِ ڪوليفائي ڪري ورتو آهي. ڪالهه ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان صاحبزادا فرحان ۽ علي عمران جي شاندار سينچرين جي مدد سان هانگ ڪانگ خلاف 366 رنسون ٺاهيون ۽ ان کي 225 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ايونٽ ۾ فاتحاڻي شروعات ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پاڪستان کي شڪست ڏئي هاڪي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي ڪراس اوور رائونڊ ۾ بيلجيئم جي ٽيم پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے