12 بدھ , دسمبر 2018

پاڪستاني فلم لوڊ ويڊنگ انٽرنيشنل عالمي فلم فيسٽيول لاءِ نامزد

جيپور ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي وراسٽائيل اداڪار فهد مصطفيٰ جي فلم لوڊ ويڊنگ کي جيپور عالمي فلمي ميلي ۾ بهترين فيچر فلم لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ڀارت جي شهر جيپور ۾ عالمي فلمي ميلي جو 11 ايڊيشن ايندڙ مهيني 18 کان 22 جنوري تائين هوندو جنهن ۾ پاڪستان جي ناليواري هدايتڪار نيبل قريشي جي فلم لوڊ ويڊنگ کي بهترين فيچر فلم طور نامزد ڪيو ويو آهي. فلم جي نامزدگي جي خوشخبري هدايتڪار پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ڏني.  لوڊ ويڊنگ جي ڪهاڻي نياڻين جي شادين ۽ ڏاج جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ تي ٻڌل هئي جنهن ۾ رومانس ۽ مزاح جو تڙڪو شامل هو.  فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار  فهد مصطفيٰ ۽ اداڪارا مهوش حيات ادا ڪيو هو. مهوش حيات به عالمي فلمي ميلي ۾ لوڊ ويڊنگ جي نامزدگي کي زبردست ڪاميابي قرار ڏيندي ان تي فخر جو اظهار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Anushka Sharma has not signed Sanjay Leela Bhansali’s next, spokesperson denies rumours

انوشڪا، سلمان سان گڏ سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ۾ڪم ڪرڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ انڊسٽري مان افواهون اچي رهيون هو ته اداڪارا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے