12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ| ڪرشنا ڪماري پاران پوليو ختم ڪرڻ واري مهم جو افتتاح

ننگر پارڪر جي سول اسپتال ۾ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري پوليو ختم ڪرڻ واري جاگرتا مهم جي شروعات ڪئي.

پوليو کان بچاءَ بابت اين آءِ ڊي ايس تحت 10 کان 13 ڊسمبر تائين پوليو کان بچاءَ وارا ڦڙا پيارڻ واري سينيٽر جو افتتاح ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر ڪرشنا ڪماري ڪولهي چيو ته اسان پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.

هن چيو تہ سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ضلعي ۾ صحت جو بهترين سهولتون مهيا ڪيون آهن ۽ سول اسپتال مٺي سميت تعلقہ هيڊ ڪوارٽر اسپتالن ۽ ٻهراڙي جي بيسڪ هيلٿ يونٽس ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ڊاڪٽر بدلي ڪري مقرر ڪيا آهن .

هن چيو تہ ننگرپارڪر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف مڪاني کاتي جي سيڪريٽري سان ڳالهائي مسئلو حل ڪيو ويندو.

هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ غذائي قلت جي شڪار ٿي مرندڙ ٻارڙن جو انگ  ميڊيا وڌائي پيش ڪري رهي آهي ايڏا ٻارڙا نه مري رهيا آهن جيترا ميڊيا ۾ ڏيکاريا پيا وڃن.

سينيٽر ڪرشنا ڪماري چيو ته ننگرپارڪر جي مارئي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ ماسترياڻين جي مقرري لاءِ هو تعليم واري وزير سان ڳالهائيندي

رپورٽ: فيض کوسو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| عادلپور: ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

عادلپور ۾ ڳوٺاڻي پاران فاريسٽ کاتي ۾ بنا سبب برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے