17 اتوار , فروری 2019

رپورٽ| نوابشاهه: سماجي تنظين پاران ٻارن جي حقن لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو

نوابشاھ ۾ سماجي تنظيمن پاران ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان “نياڻين جي تعليم اهم” جي عنوان هيٺ گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪورٽ روڊ ۾ سمينار منعقد ڪيو ويو.

سيمينار ۾ ڊائريڪٽر اسڪولز اينڊ سيڪنڊري شهيد بينظير آباد عبدالجليل لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٻارڙن جي حقن سان گڏ نياڻين جي تعليم وقت جي اهم ضرورت آهي،

هن چيو ته هڪ مرد پڙهيو هڪ فرد پڙهيو پر هڪ نياڻي پڙهي ته ڄڻ هڪ خاندان پڙهيو

سندن چوڻ هو ته ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان اسڪولي شاگردن شاگردياڻين عام ماڻهن والدين ۾ جاڳرتا پيدا ڪيون ته هو پنهنجي ٻارڙن سان گڏ ٻين ٻارڙن جو به خاص خيال رکن،

هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ ٺاهڻ لاءِ بجيٽ ته رکي وئي آهي پر اها استعمال نه ٿيڻ جي ڪري ليپس ٿي وڃي ٿي

ان موقعي تي زيبسٽ جي پرنسپال سيد نصرت شاهه چيو ته اسان جي اسڪولن ۾ داخل ٻاڙرن کان وڏو حصو اسڪولن کان ٻاهر آهي ۽ خاص طور تي نياڻيون تعليم جي طرف گهٽ آهن

هن چيو ته معصوم ٻارڙن جي حقن ۽ انهن جو تحفظ ڪرڻ سماج جي ذميواري آهي ۽ اڄ هن سمينار ۾ اسان کي ڪافي ڄاڻ ملي آهي ته ٻارڙن جا حق معاشري جي ترقي لاءِ اهم آهن،

تقريب جي آخر ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عورتن کي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: حيدرآباد: صحافين پاران ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو گهيراءُ، احتجاج

حيدرآباد ۾ صحافين پاران ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد جو گهيراءُ ڪري احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے