13 جمعرات , دسمبر 2018

جيڪي اختيار ٻين صوبن کي حاصل آهن اُهي ئي گلگت بلتستان کي هوندا: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته جيڪي اختيار باقي صوبن کي حاصل آهن اُهي ئي گلگلت کي حاصل هوندا. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ گلگت بلتستان جي آئيني حيثيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي آغاز تي اٽارني جنرل گلگت بلتستان ببات عبوري ڄاڻايل مسوده عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ چيو ته مسودو مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وقت گهرجي، قانون سازي ۽ انتظاميا جا سمورا خرچ ڏئي رهيا آهيون، اسان ان مسودي ۾ آئين پاڪستان تي عمل جي ڪوشش ڪئي آهي، گلگت بلتستان کي الڳ صوبو نٿا بڻائي سگهون پر سمورا صوبا اختيار ڏيندا. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته گلگت بلتستان بابت اِها فخر جوڳي ڳالهه آهي، گلگت بلتستان وارن جو چوڻ آهي ته انهن کي اختيار نه پيا ڏنا وڃن. ان موقعي تي ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل گلگت بلتستان عدالت کي ٻڌايو ته اِهو مسودو اڃا اسان جي سامهون ناهي آيو، اسان کي اجازت ڏيو ته اسان پنهنجون سفارشون به ڏيون. اٽارني جنرل چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته گلگت بلتستان وارن جا سمورا مطالبا منظورڪيون. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته آئون سمجهان ٿو ته سمورا صوبائي اختيار ملڻ گهرجن، جيڪي اختيار باقي صوبن کي حاصل آهن اُهي ئي گلگت بلتستان کي حاصل هوندا. عدالت خميس تي اٽارني جنرل آفيس ۾ ان حوالي سان هڪ اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ مسودو قانون جي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪميٽي بڻائي ڇڏي جنهن جو سربراهه به اٽارني جنرل هوندو جڏهن ته اعتزازا احسن، سلمان اڪرم راجا، چوڌري افراسياب ايڊووڪيٽ، گلگت بلتستان جو قانون ۽ ڪشمير جي معاملن بابت ڪميٽي جو سيڪريٽري ميمبر هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے