13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪنهن به ڪنهن جي ويڙهه نه وڙهبي ۽ نه ئي ڪنهن جي سامهون جهڪنداسين: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ واضح ڪري ڇڏيان ته ڪڏهن ڪنهن جي جنگ نه وڙهنداسين ۽ نه ئي ڪنهن جي سامهون جهڪنداسين اسان سڀني سان امن ٿا چاهيون. اسلام آباد ۾ بلوچستان جي شاگردن کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته قوم نظريي سان آهي ۽ نظريو نه رهندو ته قوم نه رهندي، قائد اعظم پوري ڪوشش ڪئي ته مسلمان ۽ هندو گڏ ٿي رهن، قائد اعظم محسوس ڪيو ته مسلمانن جي لاءِ لڳ ملڪ ضروري آهي، اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ڇو بڻيو، اڄ ڀارت ۾ جيڪي مسلمان جو حاصل آهي اُهو اُتي نظر ئي ناهي ايندو ته مسلمانن کي برابري جا حق ملندا، ڀارت ۾ مسلمانن جو اڄ ڪو به سربراهه ناهي. هن چيو ته جمهوريت جو مطلب حڪمران جو قانون جي هيٺان هئڻ آهي پر اسان جمهوريت کان بادشاهت تي اچي ويا آهيون، چين مديني جي رياست جي اصولن تي هلي 70 ڪروڙ عوام کي غربت مان ڪڍيو پر پاڪستان ۾ امير امير ٿيندو ويو ۽ غريب غريب ئي رهجي ويو، جيڪي علائقي اڳتي هئا انهن تي وڌيڪ پيسو لڳايو ويو جنهن سان گهٽ ترقي يافته علائقا وڌيڪ پوئتي رهجي ويا. هن چيو ته اندازو لڳايو ويو ته لاهور ۾ هڪ انسان تي 70 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته ننڍي علائقي راجن پور ۾ جتي پيسي جي ضرورت هئي اتي هڪ انسان تي اڍائي هزار رپيا خرچ ڪيا ويا اهڙي طرح امير ۽ غريب علائقين ۾ فرق وڌندو ويو. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته هن ملڪ کي کڻڻو آهي ته نبي ڪريم ته جي اصولن تي کڻداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي ڪمزور علائقن کي اڳتي آڻيون، بلوچستان پوئتي رهجي ويو پر هاڻ هن کي سٺو وڏو وزير مليو آهي، اسان عورتن جي لاءِ اسپيشل پروگرام آڻي رهيا آهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے