12 بدھ , دسمبر 2018

سنڌ حڪومت طرفان حددخلين جي خلاف آپريشن واري عدالتي حڪم تي نظرثاني اپيل داخل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت حددخلين جي خلاف آپريشن جي سپريم ڪورٽ واري حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي. سنڌ حڪومت طرفان ايڊووڪيٽ جنرل سلمان طالب الدين سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حددخلين جي خلاف ڪارروائي بابت نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي. سنڌ حڪومت اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ته حددخلين جي خلاف آپريشن سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي ۽ ڪارروائي مان ڪارروائي سبب ماهوار اجرت وارا ماڻهو بي روزگار ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت طرفان چيو ويو آهي ته حددخلين جي خاتمي جي لاءِ بهتر انداز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ان ڪري عدالت حددخلين جي خلاف تازي آپريشن جي حڪم تي نظرثاني ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جو روينيو، سي ڊي اي اختيارين تي آصف زرداري جي حمايت جو الزام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) چيو آهي ته روينيو آفيسر ۽ ڪيپٽل ڊويلپمنٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے