12 بدھ , دسمبر 2018

صفوران سانحو: فوجي عدالت مان سزا مليل جوابدارن جون اپيلون رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صفوران سانحي ۾ فوجي عدالت مان موت جي سزا مليل سعد عزيز ۽ ٻين جوابدار جي سزا خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بينچ جي آڏو صفوران سانحي ۾ فوجي عدالت جي موت سزا جي خلاف دهشتگردن جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سعد عزيز ۽ ٻين جوابدارن جي ڦاهي جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته جوابدارن جي وارثن جي ملاقات ۽ ريڪارڊ ڏيکارڻ واري درخواست تي ڊپٽي اٽارني جنرل کي جواب جي لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تئاين مهلت ڏيندي ٻڌڻي 31 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جو چوڻ هو ته ڏوهارين کي فوجي عدالت سنگين ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي آهي، فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري سگهجي ٿي، فوجي عدالت دهشتگرد سعد عزيز، طاهر منهاس، اظهر عشرت، حافظ ناصر ۽ اسد الرحمان کي موت جي سزا ٻڌائي هئي. درخواستگذار جو چوڻ هو ته درخواستگذارن کي فوجي عدالت مختلف الزامن ۾ موت جي سزا ٻڌائي آهي، ڏوهارين جي وارثن کي ڪيسن جي تفصيل ناهي ٻڌائي وئي، وارثن جي ملاقات ڪرائي وڃي ۽ سزا تي نظرثاني ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين ايوان نه هلندو: ن ليگ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارليماني پارٽي خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے