12 بدھ , دسمبر 2018

صفوران سانحي کي 4 سال گذري ويا جوابدارن کي ڦاهي ناهي ڏني وئي: ڊي آءِ جي ايسٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقي چيو آهي ته ماتحت عدالتن ۾ پروسيڊنگ سسٽم کي بهتر  ڪرڻ جي ضرورت آهي، صفوران سانحي کي چار سال گذري ويا پر جوابدارن کي ڦاهي تي ناهي چاڙهيو ويو. آباد هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عامر فاروقي چيو ته لاڳاپيل سرڪاري کاتن جا دستاويز ايراضي تي قبضي جي تڪرار جو سبب آهن. جيڪڏهن لاڳاپيل کاتو شهر جي سموري ايراضي جو نظام ڪمپيوٽرائز ڪري ته لينڊ گريبنگ جو خاتمو ممڪن آهي. سرڪاري کاتن طرفان هڪ ئي پلاٽ جا مالڪاڻن حقن جا دستاويز ڏيڻ سان لينڊ مافيا کي فائدو پهچي رهيو آهي. ڊي آءِ جي ايسٽ اپيل ڪئي ته سرڪاري ادارن سان گڏجي زمينن جو ريڪارڊ ڪمپيوٽرائز ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان قبضا مافي  کي لگام ڏئي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏوهارين سان مليل پوليس وارا سڀ کان وڏا ڌاڙيل آهن: ڪراچي پوليس چيف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس چيف امير شيخ جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ماڻهن سان مليل پوليس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے