12 بدھ , دسمبر 2018

پاڪستان ۽ افغانستان جو 2018ع جي آخري پوليو مهم هڪ ئي وقت شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان 2018ع جي آخري پوليو مهم هڪ ئي وقت هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پوليو جي خاتمي واري قومي مهم 5 ڏينهن تائين جاري رهندي، هلندڙ سال ملڪ ۾ پوليو جا 8 ڪيس سامهون آيا. تفصيل موجب پاڪستان ۽ افغانستان 2018ع جي آخري پوليو مهم هڪ ئي وقت هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پوليو جي خاتمي واري قومي مهم 10 ڊسمبر کان شروع ٿيندي، پوليو جي خاتمي واري قومي مهم سڄي ملڪ ۾ هڪ  ئي وقت هلائي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليو جي خاتمي واري قومي مهم 5 ڏينهن تائين جاري رهندي، پوليو بابت حساسن علائقن ۾ 7 ڏينهن مهم هلائي ويندي، مهم ۾ 3 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. ذريعن موجب پنجاب 19.2، سنڌ 8.9 ملين، ڪي پي ۾ 6.8 ۽ بلوچستان 2.53 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7 لک ٻارن، گلگلت بلتستان ۾ 2 لک 37 هزار ٻارن ۽ اسلام آباد ۾ 3 لک 47 هزار ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تائين ايوان نه هلندو: ن ليگ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارليماني پارٽي خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے