21 اتوار , اپریل 2019

رپورٽ| ڪراچي: کدڙا فقيرن تي اوباش گروهه جو حملو، متاثرن پاران احتجاج

ڪراچي ۾ قائد آباد ويجهو هٿياربندن پاران کدڙا فقيرن جي گاڏي تي حملو ڪري ٻن ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پنج ڏينهن پهريان شادي جي دعوت کان واپس موٽندڙ کدڙا فقيرن جي گاڏي تي قائد آباد ويجهو هٿياربندن حملو ڪري ٻن ڄڻن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي،

ڪار ڊرائيور حملي آورن کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڪلٽي پئي.

متاثر کدڙا فقيرن سار گل ۽ پائل عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته قائد آباد ويجهو اوباش گروهه سندن رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي فائرنگ ڪري هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سندن چوڻ هو ته گروهه ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، جڏهن ته ٿاڻي جاِ چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر پوليس سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

هنن چيو ته حملي ۾ ملوث 6 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس اڃا تائين رڳو ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.

کدڙا فقيرن جو چوڻ هو ته قائد آباد واري علائقي ۾ هڪ گروهه سرگرم آهي جيڪو کدڙا فقيرن کي هٿيارن جي زور تي تشدد جو نشانو بڻائي اغوا بعد اعتراز جوڳيون ويڊيو ٺاهي بليڪ ميلنگ ڪري پيو.

هوڏنهن کدڙا فقيرن جي تنظيم جينڊر انٽر ايڪٽيو الائنس جي اڳواڻن ۽ ميمبرن  وڏي انگ ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو  جنسي تشدد خلاف احتجاج ڪيو ويو.

اڳواڻن بنديا راڻا، شهزادي راءِ، سارا گل خان ۽ ٻين انساني حقن جي تنطيمن ، وزيراعظم ۽  چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

رپورٽ: رزاق عاصي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ: پورهيتن جي گهرن کي ڪنهن ڏني باهه؟؟؟

گمبٽ ڀر سان ڳوٺ پپري ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب جوڳي برادري جا 3 گھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے