13 جمعرات , دسمبر 2018

چنڊ جا ناياب پٿر 12 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) اڌ صدي اڳ زمين آندل چنڊ جا ناياب پٿر تقريبن 12 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 1970ع ۾ سويت لونا-16 خلائي مشين چنڊ جا ٽه انتهائي ننڍڙي سائيز جا پٿر پهريون ڀيرو زمين تي آندا هئا جن کي پهرين مرحلي ۾ 4 لک 40 هزار 500 آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو هو پر هاڻ ڪيئي ورهيه گذرڻ کانپوءِ ان کي ٻيڻي قيمت يعني 8 لک 55 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي. اهي قيمتي پٿر وزن ۾ تمام هلڪا ۽ سائيز ۾ بنهه ننڍڙا آهن، ان جي ويڪرائي ٻه ملي ميٽر ۽ ڊيگهه هڪ ملي ميٽر کان به گهٽ آهي. انهن پٿرن کي سپٽمبر 1970ع ۾ لونا-16 مشن چنڊ جي سطح تي 14 انچ ڊارلنگ ڪري ڪڍيو هيو. سويت اسپيس پروگرام جي ماسٽر مائينڊ ڪورولوٿي جيڪو هڪ راڪيٽ انجينيئر هئڻ سان گڏوگڏ خلائي جهاز جو ڊيزائينر پڻ هيو. سويت يونين ڪورو لوو جي خلائي مشن جي حوالي سان يادگار خدمتون انجام ڏيڻ تي چنڊ جا ناياب پٿر سندس گهرواري کي تحفي طور پيش ڪيو هو جنهن کي هن 1993ع ۾ وڪرو ڪيو ۽ هاڻ اهي پٿر ٻيڻي قيمت ۾ وڪرو ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سافٽ ويئر جي خرابي سبب ڊيٽا متاثر، گوگل پلس کي 4 مهينا اڳ ئي بند ڪرڻ جو اعلان

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) گوگل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ جي ڀيٽ ۾ لانچ ڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے