13 جمعرات , دسمبر 2018

مهين جي دڙي جي تهذيب جهڙو ”سوڀو گيانچنداڻي“

سنڌ جي مردم خيز مٽي تاريخ جي هر دور ۾ اهڙن املهه انسانن کي جنم ڏيندي رهي آهي جن پنهنجي فڪر، عمل ۽ جدوجهد ذريعي سنڌ جي سينڌ پئي سنواري آهي، اهڙن عظيم انسانن ۾ سنڌ جو سرموڙ ڏاهو ۽ انقلابي اڳواڻ سوڀو گيانچنداڻي پڻ شامل آهن جنهن جو جنم 3 مئي 1920ع ڌاري عظيم سنڌوءَ تهذيب جي تخت گاهه مهين جو دڙو لڳ ڳوٺ ٻنديءَ جي هڪ خوشحال ۽ سکي ستابي گهراڻي ۾ ٿيو، ڪنهن کي به اهو اندازو نه هو ته اڳتي هلي ٻنڊي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ هي ابهم پنهنجي زندگيءَ جي انهيءَ رستي تي هلي پوندو جنهن رستي جي آخري منزل يا ته جيل آهي يا موت آهي، باقي سموري زندگي جهڙوڪر هڪ سفر آهي، انهيءَ زندگيءَ ۾ چين، سڪون ۽ آرام جهڙي ڪا به ڪيفيت نه آهي، اهو ڪنهن به نه پئي ڄاتو ته اهو ننڍڙو ابهم وڏو ٿي هڪ عظيم انسان، ڏاهو، مدبر، مفڪر ۽ انقلابي ٿي پوندو جيڪو سنڌ سميت سڄي دنيا لاءِ فخر لائق بڻجي ويندو، هُن پرائمري تعليم ڳوٺ بگي ٻنڊيءَ مان حاصل ڪئي، انگريزي تعليم جي شروعات قمبر مان ڪئي اڳتي هلي باقاعده ڇهون ۽ ستون درجو اين جي وي اسڪول ڪراچي مان ۽ ميٽرڪ اپريل 1937ع ۾ بمبئيءَ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين، وري فرسٽ ايئر ۽ انٽر آرٽس ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي، بي اي پارٽ ون ۽ ٽو شانتي نڪيتن ڪاليج ڪلڪتا مان حاصل ڪئي، زندگيءَ ۾ جيترو سندس تعليم حاصل ڪرڻ وارو دور تڪليفن ۽ جدوجهد وارو رهيو هو سندس عملي زندگي ان کان وڌيڪ تڪليفن ۽ جدوجهد واري رهي.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي تعليم لاءِ شانتي نڪيتن ۾ ويو هو جتي هو بنگلا ٻوليءَ جي عظيم شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جي صحبت، اثر ۽ پنهنجي ذهني لاڙي سبب  1941ع ۾ انقلابي ٿي سنڌ موٽيو، ڪامريڊ سوڀي کي رابندر ناٿ ٽئگور ”مين آف موهن جو دڙو“ جي لقب سان پڪاريندو هو. ڪامريڊ سوڀو اي سي شهاڻي لا ڪاليج ۾ هڪ سال پڙهيو پر 1942ع واري جدوجهد ۾ جيل وڃڻ سبب پڙهائي مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ وري بعد ۾ قانون جي ڊگري وٺڻ لاءِ پڙهيو ۽ اتي استاد جي حيثيت ۾ پڻ پڙهائيندو رهيو، هُن عملي زندگيءَ ۾ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو جنهن تان 2001ع رٽائر ٿيو. ڪامريڊ سوڀو کي پهريون ڀيرو 25 جنوري 1942ع کان وٺي جولاءِ 1944ع تائين ڪراچي جيل ۾ ڏينهن گذارڻا پيا، ڪامريڊ سوڀو کي ٻيو ڀيرو 22 فيبروري 1946ع ۾ نيويءَ جي بغاوت وقت ڪراچي ۾ جنرل اسٽرائيڪ ڪرائيندي گرفتار ڪيو ويو،

ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جنهن سماج ۾ جنم ورتو هو اهو هڪ بدبودار ۽ انسان دشمن سماج هو جنهن کي هُو ڪنهن به طور تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي بغاوت جو لاڙو پختو ٿي رهيو هو، جنهن ڪري هُن هڪ سکي ستابي زندگي گذارڻ لاءِ نه ته بهتر تعليم تي توجهه ڏني ۽ نه ئي ڪنهن ڪاروبار ۽ واپار ڏانهن لاڙو ڪيائين، سندس زندگيءَ جو محور ۽ مرڪز فقط ۽ فقط صدين کان انسان ۽ سماج دشمن ريتن ۽ رسمن ۾ زنگيل ۽ سينواريل سماج جي خلاف جدوجهد هُئي جنهن سندس وطن سميت وطن واسين کي به بار بار نانگ بڻجي ٿي ڏنگيو، سندس زندگيءَ جو مقصد انهيءَ سماج کي ڊاهي ان جاءِ تي ڪو نئون سماج جوڙڻ هو هُن چاهيو ٿي ته سنڌ وري صدين بعد ڪو سک جو ساهه کڻي ۽ وري پنهنجن تهذيبي قدرن کي بحال ڪري، پنهنجي تهذيبي زندگيءَ کي وري نيئن سر شروع ڪري.

سوڀي گيانچنداڻي پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سياست جي محاذ سان گڏ ادب جي محاذ تي پڻ جدوجهد ڪئي، هُن سنڌي ادب ۾ جيڪي ڪهاڻيون لکيون اهي سنڌ جي حالتن جون ترجمان آهن، سندس ڪهاڻين، مضمونن، مقالن ۽ ٻين انيڪ لکڻين سنڌي سماج کي هڪ نئين ساڃاهه ڏني، اڄ سنڌي سماج شعوري ۽ سماجي ترقيءَ جي جنهن منزل تي پهتو آهي ان ۾ سنڌ جي ٻين انيڪ ساڃهه وندن، ليکڪن، سياستڪارن، مفڪرن. تعليمدانن سميت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙي انقلابي انسان جو ڪردار پڻ اهم آهي.

ڪامريڊ سوڀي متعلق سنڌ جي عظيم شاعرشيخ اياز هڪ پروفائل ۾ لکيو آهي، ”سوڀو گهري صداقت ۽ آزاد طبيعت وارو ماڻهو آهي، سوڀو ڄڻ پهاڙ آهي، جو هو هر آنڌيءَ هر طوفان ۾ اڏول بيٺو آهي، سچ پچ سوڀو مهين جو دڙو آهي ۽ سوڀو گيانچنداڻي اسان جو لال قلندر آهي، جنهن جي جتي ۾ اڃا تائين ڪنهن به پير نه پاتو آهي، وقت پلٽو کائيندو ۽ هن جي مٽيءَ تي ميلا لڳندا، ان ۾ مون کي ذري جو به شڪ ناهي“.

اڄ سوڀو گيانچنداڻي اسان جي وچ ۾ نه آهي، پر اسان کان ڌار به نه آهي، هو پنهنجي فڪر، جدوجهد ۽ زندگيءَ جي ڪيئي حوالن سان سنڌ سان گڏ آهي ۽ گڏ رهندو.

ڇنڇر 8 ڊسمبر 2018ع، 29 ربيع الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے