19 ہفتہ , جنوری 2019

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي، جڏهن ته ون بيلٽ ون روڊ منصوبي خطي جي عوام ۾ رابطي کي هٿي ڏني آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ تڪرار ۽ سهڪار ۾ اهم طاقتن جي ڪردار تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيني سفير چيو ته ڏکڻ ايشيا دنيا جو سڀ کان اهم خطو آهي ۽ هتي سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، گڏيل سهڪار سان ڏکڻ ايشيا ۾ غربت تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته معاشي ترقي ڪيترن ئي تڪرارن جي خاتمي جو سبب بڻجندي آهي، چين خطي جي ترقي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو رهندو، اسان ڏکڻ ايشيا جي شاندار مستقبل لاءِ ڀائيوار آهيون. سندس چوڻ هو ته خطي جي مسئلن جو اڪيلو حل ڳالهيون آهن، چين به مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان سدائين ڳالهين ۽ رابطن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے