19 ہفتہ , جنوری 2019

عمران هاشمي جي فلم ”چيٽ انڊيا“ جو ٽريلر جاري

ممبئي (شوبز نيوز) ”جنت، بادشاهو، آوارا پن، راز ۽ اظهر“ جهڙين فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ عمران هاشمي جي ايندڙ فلم ”چيٽ انڊيا“ جو شوقين بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته شوقينن لاءِ فلم جو پهريون ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عمران هاشمي پنهنجي گذريل فلمن کان بلڪل مختلف ڪردار ۾ نظر اچي رهيو آهي. فلم جي ڪهاڻي تعليمي نظام ۾ موجود نقل مافيا جي چوڌاري گهمي ٿي، جنهن تعليمي نظام جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، عمران هاشمي ٽريلر ۾ نقل مافيا جي سرگرم ڪارڪن طور نظر اچي رهيو آهي. فلم جي ڪهاڻي سومڪ سين لکي آهي، جڏهن ته عمران هاشمي جي پروڊڪشن ڪمپني ايپلسس انٽرٽينمينٽ فلم کي پروڊيوس ڪيو آهي، هن فلم وسيلي عمران هاشمي پروڊڪشن جي شعبي ۾ ڊيبيو ڪري  رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مهوش حيات جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري…….. تفصيل ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات جي پهرين ويب سيريز  ” …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے